پرک ڪتاب

پرک (ڪتاب): هن ڪتاب جو مرتب محمد عثمان عباسي آهي. هن ۾ تاريخ، قائداعظم، پاڪستان، جاگرافي، سائنس، ادب، راند ۽ عام معلومات جي موضوعن تي سوال جواب شامل آهن. هن ڪتاب جو انتساب ليکڪ پنهنجي استاد پروفيسر غلام محمد سومري جي نالي ڪيو آهي. 142 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 14 آگسٽ 1992ع ۾ نويد بوڪ ڊيپو پاران ڇپيل آهي. ڪچي جلد ۽ ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جي قيمت 15 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو